اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چي?? آهي ته ت??ڪمانستان جي وفد جي پاڪستان جي دوري دو??ان ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. اها ڳالهه ت??جمان ??ري?? بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ت??ڪمانستان جو هڪ اعليٰ سطحي وفد مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين جي قيادت ۾ ٽن ڏينهن جي دوري تي گذريل ڏينهن پاڪستان پهت?? آهي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون بشمول ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان – ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لائين ۽ ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان پاور ٽرانسميشن لائين پراجيڪٽ تي ڌيان ڏنو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون (تاپي) پائيپ لائين پراجيڪٽ جي تيز رفتار عملدرآمد جي لاءِ ”گڏيل عملدرآ??د پلان“ کي حتمي شڪل ڏينديون. هن چيو ته منصوبي جي پڄاڻي پاڪستان جي عزم سان گڏوگڏ سستي، قابل اعتماد ۽ پائيدار توانائي جي لاءِ ان جي عزم جو عڪاس هوندو.