باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان جي قيادت ٻنهي ملڪن جي حصيداري عمل کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ توانائي بحران جي خاتمي لاءِ روس کانپوءِ آذربائيجان م??ن ايندڙ مهيني ??ان رعايتي ايل اين جي ڪارگو پاڪست??ن اچڻ شروع ٿي ويندا. آذربائيجان ڪابينا آذربائيجان ک??ن ايل اين جي پاڪستان آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان باڪو ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيرا??ظم کي اها خوشخبري ڏني وئي. وزيرا??ظم شهباز شريف گذريل ڇهن مهينن ک??ن ان ڊيل تي ڪم ڪري رهيو هو. وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ان ڊيل تي باضابطا عملدرآمد شروع ٿي ويندو. آذربائيجان جي قومي ايل اين جي ڪمپني هر مهيني رعايتي قيمت تي هڪ ايل اين جي ڪارگو پاڪستان موڪليندي. وزيرا??ظم شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن توانائي، زراعت، ٽرانسپورٽ، دفاع، سيڙپڪاري ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي سگهه ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. آذربائيجان پاڪستان جي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ تعاون ڪندو، آذربائيجان پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ مدد ڪندو، ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو. پاڪست??ن اسٽيٽ آئل (پي ايس او) ۽ آذربائيجان جي ڪمپني سوڪار حڪومت سان حڪومت جي سطح تي پاڪستان جون توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. آذربائيجان پاڪستان م??ن ايندڙ چانور تي درآمدي ڊيوٽي ج?? ڇوٽ جي ٺوس نظام جي تياري تي اتفاق ڪيو. آذربائيجان جي صدر چيو ته آذربائيج??ن اڳ ۾ ئي پاڪستان مان درآمدي چانور تي امپورٽ ڊيوٽي ج?? ڇوٽ ڏئي چڪو آهي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته آذربائيجان جي آذر ايئرلائين اسلام آباد ۽ ڪراچي جي لاءِ ٻه اڏامون هلائيندي، شمسي توانائي جي شعبي ۾ آذربائيجان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندو، دفاع جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي پڻ ٻنهي ملڪن جي قيادت ۾ اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان دنيا جو ٻيو ملڪ هو جنهن آزادي کانپوءِ آذربائيجان کي سڀ ک??ن اڳ تسليم ڪيو هو. پهرين مارچ 2017ع تي اي سي او اجلاس جي موقعي تي وزيرا??ظم نواز شريف ۽ صدر الهام عليوف دفاعي مصنوعات گهرائڻ جي تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون.