اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اور??گز??ب پي ٽي وي جي ڊائريڪٽر پروگرام اڪبر ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ??هي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن اڪبر ملڪ جي گهرڀاتين ۽ ٻارن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي قومي ٽي وي جي لاءِ خدمتن تي اڪبر ملڪ مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڪبر ملڪ هڪ پروفيشنل، هر ڪنهن سان شفقت ۽ احترام سان ??لن??ڙ شخصيت هئي، هو اداري ۾ پنهنجي پيشيواراڻي اهليت جي اعليٰ ??عي??ر جي ڪري سڃاتو و??ند?? هو، ان جو لاڏاڻو قومي اداري جي لاءِ وڏو نقصان ??هي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ڏي.