اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش موجوده بحرانن جو سلسلو اتان کان شروع ٿئي ٿو جتي ??واز شريف جي خلاف حڪومت مان ڪڍڻ جي سازش ڪ??ي عمران خان کي هر قيمت تي حڪومت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪ??ي وئي، نواز شريف جي خلاف کنيل قدمن جي درستگي حالتن جي بهتري لاءِ ??نتهائي اهم آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ ??ي سينيئر وڪيل ۽ صحافي پاران تازا اکيُون کوليندڙ انڪشاف جن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيئن نواز شريف کي پاناما پيپرز ۾ ڄاڻي واڻي ڦاسايو ويو ۽ جنهن جو مقصد ان کي حڪومت مان ڪڍي سياست ۾ پابندي هڻڻ هو جنهن جي اسان کي پهرين ڏينهن کان خبر هئي. جڏهن ته اهي انڪشاف هاڻي ان لاءِ ??ه انتهائي اهم آهن ته سچ ٿورو ٿورو ڪري سامهون اچي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش موجوده بحرانن جو سلسلو اتان کان شروع ٿئي ٿو جتي ??واز شريف جي خلاف حڪومت مان ڪڍڻ جي سازش ڪ??ي عمران خان کي هر قيمت تي حڪومت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪ??ي وئي. ان سڄي عمل ۾ پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان پهتو، جمهوري ارتقا ۾ رڪاوٽ آئي ۽ معيشت شديد متاثر ٿي. هن چيو ته نواز شريف جي خلاف کنيل قدمن جي درستگي حالتن جي بهتري لاءِ ??نتهائي اهم آهي. الحمدالله، مون کي ان ڳالهه تي ??خر آهي ته منهنجو قائد تاريخ ۾ صحيح رخ ۾ بيٺل رهيو ۽ سرخرو ٿيو آهي.