اسلام آباد – 14 – جو??اء?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فرانس جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستاني عوام ۽ پنهنجي پاران فرانس جي عوام ۽ حڪومت ??ي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فرانسيسي جمهوريه جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي ??ال?? پنهنجي خط ۾ چيو ته پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، گڏيل موقف ۽ ڊگهي فورمز تي ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. هن چيو ته فيبروري ۾ صحيحون ڪيل ٻطرفي تعاون جي روڊ ميپ سان واپار، عوامي رابطن، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ توانائي جهڙن ??عبن ۾ ڊگهي تعاون ??ي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر يقين ظاهر ڪيو ته صدر ميڪرون جي متحرڪ قيادت ۾اسان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل فائدي جي ??اء?? اعليٰ سطحي تي کڻي وينداسين. ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ فرانس جي صدر ??اء?? سٺي صحت، فرانس جي عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي ??اء?? نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.