لاهور – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هر شخص کي ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪر??ار ادا ڪرڻو پوندو، بيوروڪريسي کي اسلام جي بنيادي اصولن تي عمل ڪندي ملڪ ۽ قوم جي خ??مت ڪرڻي پوندي، ٻين ملڪن تي ڀاڙڻ بدران پاڻڀرائپ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??يش??ل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 118 هين ??يش??ل مئنيجمينٽ ڪورس ۽ سينيئر سرڪاري آفي??رن جي گريجوئيشن تقريب کي خ??اب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته ملڪي ترقي ۾ سرڪاري آفي??رن ۽ اهلڪارن جو ڪر??ار مثالي هجڻ گهرجي، بهتر نظم ۽ ضبط ۽ بدعنواني جي خ??تمي سان ئي معاشرا ترقي ڪن ٿا. هن چيو ته علم سان گڏوگڏ جذبن جي تربيت پڻ تمام ضروري آهي. آفي??رن کي مخاطب ڪندي هن چيو ته انساني زندگي جي اندر ڪجهه فارميٽو سال هوندا آهن جن مان توهان گذري چڪا آهيو، جڏهن توهان جي تربيت ڪئي وڃي ٿي ته ان ۾ مئنيجمينٽ جي ٽيڪنالاجي جي حوالي سان توهان کي ٻڌايو وڃي ٿو، ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي نئين مئنيجمينٽ ٽيڪنيڪس بابت ٻڌايو وڃي ٿو. هن چيو ته هر ايندڙ حڪومت جو دارومدار سينيئر سرڪاري آفي??رن تي هوندو آهي، ملڪي نظم ۽ ضبط کي هلائڻ جي لاءِ توهان جو ڪر??ار لازم ۽ ملزوم آهي، پاڪستان ۾ سٺي ۽ بري ٻنهي قسم جي ماڻهن جو دارومدار به توهان تي آهي. هن چيو ته توهان کي حڪومت کي صحيح رستي تي هلائڻ ۽ ملڪ مان ڪرپشن جي خ??تمي لاءِ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي، علم جي معاملي ۾ توهان ۾ انڪساري هجڻ گهرجي، انڪساري جو مطلب اهو نه آهي ته مون کي علم نه آهي پر عاجزي اها آهي ته مون کي سکڻو آهي. هن چيو ته سول سروسز جي تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا آفيسر گذريا آهن جن گڊ گورننس ۽ ڪرپشن جي خ??تمي لاءِ جدوجهد ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسلام ۾ انساني خيرخواهي کي سڀ کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي، ان لاءِ مسلمانن تي مستحقين ۾ خيرات ۽ صدقو ڏيڻ فرض ڪيو ويو آهي، هر مذهب ۾ انساني خيرخواهي ئي جو پيغام ملي ٿو، حضور ﷺجي سڄي محنت انسانن جي لاءِ هئي، جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي ته حضور ﷺ جي سنت تي عمل پيرا ٿيڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قرآن مجيد جي پهرين سورت ۾ ئي رياست جي ذميوارين جو تعين ٿي وڃي ٿو، پاڪستان جو جيڪو بنيادي مقصد آهي اهو قرآن جي اندر موجود آهي، پاڪستان جي روح جو بنياد عوام جي خ??مت ڪرڻ ۾ لڪل آهي. هن چيو ته خدمت جو ڪم آسان نه آهي ان جي لاءِ جذبي جي ضرورت آهي، توهان کي هر ڪيس مان سکڻو آهي ۽ فيصلو ڪرڻ کان اڳ ٻنهي جو ڪيس ٻڌڻو پوندو ڇو ته توهان وٽ طاقت آهي ۽ ان جو صحيح استعمال ضروري آهي جنهن جو زندهه مثال اهو آهي ته مون پنهنجي 5 سالن ۾ ڪڏهن هڪ به سفارش نه ڪئي ته جيئن سسٽم خراب نه ٿئي. هن چيو ته ڪميونيڪشن هڪ بهترين هنر آهي جنهن کي توهان ماڻهن وٽ هجڻ گهرجي. تقريب جي آخر ۾ صدر 33 هين سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس ۽ 118 هين ??يش??ل مئنيجمينٽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا. ان کان اڳ ڊائريڪٽر ??يش??ل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ڊاڪٽر اعجاز منير ڪورس جي مقصدن تي روشني وڌي.