نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا ج??رجيوا سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي مع??شت کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف پ??ران 3 بلين آمريڪي ڊالر جي اسٽينڊ بائي ايگريمنٽ (ايس بي اي) جي منظوري تي ٿورا مڃيا. هن ايم ڊي آءِ ايم ايف کي پاڪستان حڪومت پاران ملڪي مع??شت جي استحڪام ۽ بح??لي جي لاءِ کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم تصديق ڪئي ته انهن قدمن جو مقصد پائيدار اقتصادي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ مستحڪم ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي. وڌيڪ اهو ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي حفاظت تي ڀرپور ڌيان ڏنو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي منئيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا ج??رجيوا مع??شت جي بح??لي جي لاءِ پاليسين ۽ سڌارا لاڳو ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ٺوس ڪوششن کي ساراهيو. هن يقين ڏياريو ته آءِ ايم ايف پ??ڪستان سان لاڳاپن کي جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.