اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قطر جي ه??ياربند فوج جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل سالم حمد عقيل النابت کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي. ان حوالي سان هڪ خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر قطر جي ه??ياربند فوج جي چيف آف اسٽاف کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ سندس اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ قومي تراني سان ٿي. تقريب ۾ پاڪستان ۽ قطر جي ه??ياربند فوج جي اعليٰ آفيسرن ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.