بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين پيٽروليم جي شعبي ۾ هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊا??ر جي سيڙپڪاري بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. صحيحن واري تقريب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد ??لي پڻ موجود هئا. چين جي يونائيٽيڊ انرجي گروپ ۽ پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن. سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ ريفائنري سان حاصل ٿيندڙ پيٽرول ۽ هائي اسپ??ڊ ڊيزل نه رڳو مهانگي درآمدي ٻارڻ جو متبادل هوندو پر ريفائنري جي پيٽرول جي ڪل پيداواري صلاحيت اڍائي لک ميٽرڪ ٽن مان وڌي 16 لک ميٽرڪ ٽن ۽ هائي اسپ??ڊ ڊيزل جي پيداوار 6 لک ميٽرڪ ٽن مان وڌي 20 لک ميٽرڪ ٽن ٿي ويندي.