اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روانڊا گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي سياسي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائيندي اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ??هي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ روانڊا جي سينيٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن ل??ڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روانڊا جي سينيٽ جي صدر پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ??ه پاڪستان روانڊا سان پنهنجي دوستاڻن ل??ڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان حقيقت تي اطمينان جو اظهار ڪيو ??ه ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي سان تعاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ??ه پاڪستان روانڊا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرفي واپار کي پنهنجي حقيقي صلاحيت موجب وڌائڻ چاهي ٿو. هن وفد کي ٻڌايو ??ه پاڪستان جنوري 2024ع ۾ قاهره ۾ چوٿين پاڪ آفريقا ٽريڊ ڊيولپمينٽ ڪانفرنس ۽ سنگل ڪنٽري نمائڊ منعقد ڪري رهيو ??هي. هن اميد ظاهر ڪئي ته روانڊا جا واپاري به ان تقريب ۾ شرڪت ڪندا ته جيئن ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ ڪا??وب??ر جون نيون راهون ڳولي سگهجن. صدر معصوم فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن کي اجاگر ڪيو ۽ غزه ۾ وڌيڪ تباهي ۽ رتوڇاڻ روڪڻ جي لاءِ فوري جنگبندي تي زور ڏنو. وفد پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي صدر جا ٿورا مڃيا. روانڊا جي سينيٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر چيو ??ه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ل??ڳاپا آهن، هن ٻطرفن ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ب??ائ?? جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ??ه روانڊا پاڪستان کي هڪ عظيم حصيدار سمجهي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ چاهي ٿو. ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر صدر کي ٻڌايو ??ه روانڊا اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتخانو کولڻ تي غور ڪري رهيو ??هي.