اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ ه?? قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ سمورن ضروري وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وز??راعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب ملاقات ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ??گران وز??راعظم کي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان ڪميشن جي تيارين تي بريفنگ ڏني. چيف اليڪشن ڪمشنر ??گران وز??راعظم کي عام چونڊن جي تياري جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. نگران وز??راعظم چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ ه?? قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ سمورن ضروري وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائيندي.