اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (ا?? پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ ن??ريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعوا?? چيو آهي ته فائن اٽي جي برآمد تي حڪومت پابندي هڻي ڇڏي آ??ي، ڪڻڪ جو مصنوعي بحرا?? پيدا ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته عوام تائين سستي ماني ۽ اٽي جي فراهمي جي راهه ۾ ايندڙ ذخيره اندوزن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي.