اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان وفاقي ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺندي پنهنجي عزم کي ورجايو آهي ته اسان پاڪستان جي موجوده صديءَ جي سڀ کان وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم ۽ هر وقت تيار آهيون، اسان جي ٽيم ڏينهن رات صورتحال کي مانيٽر ڪري رهي آهي، وزير??عظ?? واضح ڪيو ته چين اسان جو پراڻو دوست آهي جيڪو پاڪستان کي ترجيحي بنيادن تي ضروري شيون مهيا ڪري رهيو آهي، ڪرونا وائرس جي عالمي، علائقائي ۽ ملڪي سطح تي صورتحال جو جائزو وٺندي وقت سر قدم کنيا پيا وڃن، عوام جي لاءِ معاشي رليف پئڪيج ان سلسلي جي اهم ڪڙيءَ آهي. وزير??عظ?? عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي وزير??عظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا اجلاس شروع ٿيڻ تي وزير??عظ?? عمران خان ڳالهائيندي چيو ته ڪرونا وائرس جي وبا پوري قوم جي لاءِ پريشاني جو سبب آهي، اسان هر رخ ج?? باقاعده جائزو وٺي رهيا آهيو?? ۽ ??وامي مفاد ۾ بهترين فيصلا ڪري رهيا آهيون.