اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي صنعت کي کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪرونا سان گڏوگڏ ڏ??اڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي بک، غربت ۽ بي??وز??اري کان بچائڻ انتهائي ضروري آهي، حڪومت ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، صنعتي شعبي جي ترقي لا??ِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، واپار ۽ صنعت واري وزارت کي ڪاروبار بابت حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ واپاري نمائندن سان روزاني جي بنياد تي مشاورت ??ي هدايت ڪئي آهي، ڪرونا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي بي??وز??ار ٿيندڙ هڪ ڪر??ڙ 20 لک ماڻهن کي احساس پروگرام تحت 12 هزار رپيا ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن واپارين ۾ ٽيڪس ريفنڊ جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.