اسلام آ??اد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته سنڌ خاص طور تي ڪراچي ج?? عوام جي ترقياتي ضرورتن ۽ درپيش مسئلن جو مڪمل پتو آهي ۽ وفاقي حڪومت ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت طرفان مختلف ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، مراد سعيد ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا ۽ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ڪراچي مان وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيو، اجلاس ۾ س??ڌ صوبي ۽ ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سنڌ جي گورنر وزير??عظ?? کي ڪراچي جي تازه ترين صورتحال جي باري ۾بريف ڪيو.