اسلا?? آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي دستي??بي جي موجوده تسلي بخش صورتحال ۽ پنجاب صوبي پاران باقاعدگي سان ڪڻڪ جي رليز تي اطمينان جو اظها رڪندي چيو آهي ته مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان وقت سر اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي، ڪڻڪ جي وڏي مقدار سان گڏوگڏ مناسب قيمتن کي يقيني بڻائڻ به حڪومت جي ا??لي?? ترج??ح آهي ته جيئن عوام کي بنيادي خوراڪ جي ڏس ۾ ڪنهن قسم جي مشڪل نه ڏسڻي نه پوي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستي??بي ۽ قيمتن جي حوالي سان اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير محمد حماد اظهر سينيٽر شبلي فراز، سيد فخر امام، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، مرزا شهزاد اڪبر، خصوصي صلاحڪار داڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورن??، پنجاب جو خوراڪ وارو وزير عبدالعليم خان، لاڳاپيل ادارن جا سيڪريٽريز، جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.