اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو، رشڪئي اق??صادي زون نه رڳو خيبرپختونخواهه پر پور?? ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ايندڙ مرحلو ملڪ ۾ صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ جو آهي، افغان امن ڳالهين جي ڪاميابي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردا?? آهي، افغانستان ۾ امن سان وچ ايشڊيائي رياستن تائين ??اب??ا وڌندا جنهن سان پوري خطي ۾ خوشحالي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي خصوصي اق??صادي زون جي ترقي جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم معاهدي جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي حوالي سان اهو قدم خوش آئنده آهي، سي پيڪ تحت فيصل آباد کانپوءِ رشڪئي ٻيو خصوصي اق??صادي زون هوندو، سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو. هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي معاهدو خيبرپختونخواهه جي ترقي جي حوالي سان هڪ وڏو سنگ ميل ثابت ٿيندو، رشڪئي اق??صادي زون نه رڳو خيبرپختونخواهه پر پور?? ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ان سان صنعت کي هٿ?? ملندي ۽ مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، اسان چاهيون ٿا ته خيبرپختونخواهه ۾ رهي ماڻهن کي نوڪريون ملن. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي قبائلي علائقن جي عوام دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان انهن جي لاءِ به ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا.