اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مزار قائد جي معاملي تي هٿياربند فوج ۾ خود احتسابي عمل کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت ان في??لي جو قدر ڪ??ي ٿي، جيڪڏهن سنڌ پوليس وقت سر ايف آءِ آر داخل ڪري ها ته معاملو ايترو ڏ??يو نه ٿئي ??ا، هاڻي سنڌ حڪومت جي ذميواري آ??ي ته اها ٻڌائي ته ان دوران جن پوليس آفيسرن بغاوت ڪئي انهن جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ??ي آ??ي، سنڌ ۾ به قانون جي بالادستي نظر اچڻ گهرجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ دوران پاڪ فوج جي ڪورٽ آف انڪوائري جي رپورٽ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هٿياربند فوج هڪ منظم ادارو آهي، مزار قائد جي معاملي تي پاڪ فوج جي اندر خود احتسابي عمل حرڪت ۾ آيو آهي جنهن کانپوءِ ٻن آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي.