اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امي?? گنڊا پور ايل او سي تي ڀارتي جارحيت ۽ هروڀرو جي ??ائ??نگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن جي مبصرين ??ي نشانو بڻائڻ ڀ??رتي سفاڪيت ۽ پاگل پڻي جي انتها آهي، ڀارت ايل او سي تي جنگ بندي معاهدي جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، هتي جاري بيان موجب علي امي?? گنڊا پور چيو ته ڀارت پاران ايل او سي تي سول آبادي ??ي نشانو بڻائڻ معمول بڻجي چڪو آهي، ايل او سي تي محدود قسم جي فوجي ڪارروائي ڀارت جي خام خيالي آهي، علي امي?? گنڊاپور چيو ته ڀارت پاران ڪنهن به اشتعال انگيز ڪارروائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، گڏيل قومن جي مبصرين ??ي نشانو بڻائڻ جي ڪارروائي سان ڀارتي انتهاپسندي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.