اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ چيئرمين اسد عمر ۽ ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان خان جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو، فورم ماسڪ نه پائڻ، سماجي فاصلي ۽ واپاري وقتن بابت ايس او پيز تي عمل ڪرڻ بابت اين سي او سي جي هدايتن تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. فورم ويڪسين جي خريداري جي عمل ۽ ان کانپوءِ صو??ن کي منصفاڻي ورڇ جي عمل تي اطمينان جو اظهار ڪيو، پاڪستان پاران خريد ڪيل هڪ ملي?? سائنوفارم ويڪسين ملي چڪي آهي ۽ سمورن صوبن ۾ ورهائي وئي آهي، صو??ن کي اهو يقيني بڻائڻو آهي ته اين سي او سي جي ذريعي مقرر ڪيل ويڪسينيشن هدفن جي ڀرپور پيروي ڪئي وڃي.