اسلام آباد ??? 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيوزي لينڊ ۽ انگلينڊ جا دورا رد ٿيڻ سان پي ٽي و?? کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو، ٻنهي بورڊن جي خلاف ??انوني ڪارروائي لاءِ وڪيلن سان مشورو ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي خلاف ??ڪ مخصوص عالمي لابي مصروف عمل آهي پر اسان کي جهڪائڻ جي خواهش رکندڙ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا، اها غلط فهمي جلد ختم ڪري ڇڏين.