اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بيمارين جي روڪٿام لاءِ ڪميونٽي کي شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسپتال، ميڊيا ۽ ڪميونٽي ماڻهن ۾ بيمارين کان بچاءُ جي باري ۾ آگاهي ??يد?? ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي، اسلام آباد ??ي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وائس چانسلر پروفيسر تنوير خالق، سينيٽ جي ??يمبرن ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وائيس چانسلر پاران يونيورسٽي جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي ??ي به بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ مستقبل جي ??دفن، نئين تعليمي پروگرامن ۽ جاري منصوبن تي اڳڀرائي ??ي به روشني وڌي وئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بيمارين جي روڪٿام لاءِ ڪميونٽي کي شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسپتال، ميڊيا ۽ ڪميونٽي ماڻهن ۾ بيمارين کان بچاءُ جي باري ۾ آگاهي ??يد?? ڪري. هن چيو ته يونيورسٽي انتظاميه عالمي معيار موجب ميڊيڪل پروفيشنل ??يد?? ڪري، يونيورسٽي اعليٰ معيار جي تحقيق ??ي به خصوصي ڌيان ڏي.