اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شطرنج جي راند مخالف ڌر شروع ڪئي آهي ان کي ختم اسان ڪنداسين، 27 مارچ تي تاريخي جلسو ٿيندو، اتحادي حڪومت جو حصو آهن ۽ حڪومت جو حصو ئي رهندا، سپري?? ڪورٽ جا سمورا جج قابل احترام آهن، ن ليگ جي بينچ جي خلاف مهم جي مذمت ڪريون ٿا، بار ايسوسيئيشن کي ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي سبسڊري نه بڻجڻ گهرجي، پاڪستان جي سمورين بار ڪائونسلز کي سپري?? ڪورٽ بار جي اهڙ?? ماڻهن جي رويي ۽ ڪردار جو نوٽيس وٺندي انهن جو گهيراءُ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. سپري?? ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و ته سپري?? ڪورٽ جا سمورا جج قابل احترام آهن، ن ليگ سوشل ميڊيا تي ان بينچ جي خلاف مهم شروع ڪئي جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چ??و ته اسان کي سپري?? ڪورٽ تي مڪمل اعتماد آهي، اميد آهي ته معاملا آئين ۽ قانون موجب اڳتي وڌندا. چوڌري فواد حسين چ??و ته سپري?? ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ميمبر جي حي??يت سان ذاتي طور تي منهنجا سپري?? ڪورٽ بار جي باڊي تي سخت خدشا آهن، هن چ??و ته سپري?? ڪورٽ بار سمور?? ماڻهن کان ووٽ وٺي منتخب ٿيندي آهي، بار ايسوسئيشن کي ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي سبسڊري نه بڻجڻ گهرجي، وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان جي سمورن بار ڪائونسلز کي سپري?? ڪورٽ بار جي اهڙ?? ماڻهن جي رويي ۽ ڪردار جو نوٽيس وٺندي انهن جو گهيراءُ ڪرڻ اڳتي وڌڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چ??و ته پوري دنيا ۾ بار ايسوسيئيشن سياسي معاملن تي پاڻ کي مٿانهون رکندي ڪردار ادا ڪندي آهي پر هتي بار ايسوسيئيشن پنهنجو پاڻ کي هڪ سياسي پارٽي سان جوڙي ورتو آهي، هن چ??و ته سپري?? ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي باڊي ۾ هڪ ٻ?? ماڻهن سپري?? ڪورٽ بار کي يرغمال بنائي رهيو آهي،انهي رويي جي ڪري لاهور بار ۾ ان گروپ کي شڪست به ٿي. هن چ??و ته وڪيل بار ايسوسيئيشن جي موجوده قيادت سان نفرت جو اظهار ڪيو آهي، ان تي وڌيڪ آواز اٿندو. وفاقي وزير چ??و ته اسان جو سڄو ڌيان 27 مارچ جي جلسي تي آهي، 27 مارچ تي پي ٽي آءِ جو تاريخي جلسو ٿيندو، شطرنج جي راند مخالف ڌر شروع ڪئي هئي ان کي ختم اسان ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته سپري?? ڪورٽ جلسن جي حوالي سان فيصلي ۾ واضح گائيڊ لائينز ڏنيون آهن، مخالف ڌر جلسي جي اڃان تائين درخواست ناهي ڏني، ڪالهه مخالف ڌر پنهنجو پروگر??م به تبديل ڪري ڇڏيو آهي، لڳي ٿو ته مخالف ڌر جلسو نه ڪندي، 27 مارچ تي صرف پي ٽي آءِ جو جلسو ٿيندو، هڪ ٻي سوال تي وفاقي وزير چ??و ته اتحادي حڪومت جو حصو آهن ۽ حڪومت جو حصو ئي رهندا، اتحادين جي سپورٽ به انهي سرپرائيز جو حصو آهي جنهن جو ذڪر وزيراعظم ڪالهه اربع تي ڪيو آهي.