اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قوم تي زور ڏنو آهي ته هاڻي ڪم تي ڌيان ڏنو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته عوام عيد جون موڪلون پنهنجي گهرڀاتين سان سٺي طريقي سان گذاريون ۽ آرام به ڪري ورتو، هاڻي اسان کي ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. عيد جي چئن مو??لن کانپوءِ جمعي ڏينهن آفيسون کل?? ويون ۽ ڪاروبار زندگي به بحال ٿ?? ويو. وزيراعظم شهباز شريف جيڪو هڪ بهترين منتظر ۽ ڪم کي تيزي سان سرانجام ڏيڻ ۽ پڄاڻي تائين پهچائڻ جي شهرت رکندڙ آهي، قوم کان به اميد رکون ٿا ته اها ان جي پيروي ڪندي ملڪي تعمير ۽ ترق?? جي لاءِ محنت، لڳاءُ ۽ جانفشاني سان ڪم ڪري. وزيراعظم جنه?? عيد جون موڪلون لاهور ۾ گذاريون، جمعي ڏينهن صبح سوير اسلام آباد په??ي ويو ۽ پنهنجي آفيس ۾ پنهنجي فرضن جي ادائيگي شروع ڪري ڇڏي. ٻئي طرف وزيراعظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ لاهور ميٽرو مان فائدو کڻندڙ عام ماڻهن جي ڪهاڻ?? جي عڪاسي ڪندڙ فيضان احمد جي ڪم کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته فيضان احمد لاهور ميٽرو سان عام ماڻهو کي ملندڙ سفري سهولت کي بهترين طريقي سان اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ان عڪاسي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.