اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان حضور اڪرم ﷺ جي باري ۾ ڀا??ت جي حڪمران ڀا??تيه جنتا پارٽي جي ٻن سينئر عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڀا??تي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري سخت احتج??ج ڪيو آهي. پرڏيهي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڀا??تي ناظم الامور کي آگاهه ڪيو ويو ته اهي ريمارڪس مڪمل طور تي ناقابل قبول آهن ۽ ان سان نه رڳو پاڪستاني عوام پر سڄي دنيا جي مسلمانن جي جذبن کي ڌڪ لڳو آهي، ڀا??تي سفارتڪار کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان بي جي پي حڪومت پاران ڄاڻايل عهديدارن جي تاخيري ۽ بي ڪار قانوني ڪارروائي جي قدمن تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو جنهن سان مسلمانن جي درد کي گ??ٽ نٿو ڪري گسهجي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي ڀا??ت ۾ مسلمانن جي خلاف فرقيواراڻي تشدد ۽ نفرت ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي گهري ڳڻتي آهي، ڀا??ت ۾ مسلمانن کي منظم طريقي سان بدنام ڪيو پيو وڃي، کيس پوئتي رکيو پيو وڃي ۽ کين بنياد پرست هندو هجوم جي منظم حملي جو نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن ۾ انتهاپسندن کي ڀا??ت جي مختلف رياستن جي سيڪيورٽي ادارن جي مڪمل حمايت حاصل آهي، ترجمان چيو ته ڀا??ت ۾ مسلمان مخالف جذبن جو وڌڻ ۽ مرڪزي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ سان گڏوگڏ فضول تاريخي دعوائن جو حوالو ڏئي مسلمانن کي انهن جي صديون پراڻي عبادتگاهن کان محروم ڪرڻ جي وڌندڙ ڪوششون ڀا??تي معاشري ۾ اسلامو فوبيا جي واضح نتيجن کانسواءِ ڪجهه نه آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان بي جي پي جي قيادت ۽ ڀا??تي حڪومت تي پرزور مطالبو ڪري ٿو ته هو بي جي پي جي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس جي واضح طور تي مذمت ڪري ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته انهن جي خلاف فيصلائي ۽ قابل عمل ڪارروائي جي ذريعي انهن کان جوابدهي ڪئي وڃي، ڀا??تي حڪومت کي عالمي قانونن تحت پنهنجي ذميدارين جي باري ۾ به ياد ڏياريندي چيو ويو ته هو اقليتن کي انساني حقن جي خلاف ورزين کان بچائڻ لاءِ فوري قدم کڻي، انهن جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي ۽ کين امن سان پنهنجي عقيدن تي هلڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، پاڪستان عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته هو ڀا??ت ۾ خطرناڪ حد تائين وڌندڙ ”هندوتوا“ سبب متاثر اسلامو فوبيا جو نوٽيس وٺي ان کي روڪي ۽ ڀا??ت ۾ اقليتن جي خلاف انساني حقن جي منظم خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ ڀا??تي عملدارن تي دٻاءُ وجهي.