اسلام آباد – 19 – س??پٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم شهب??ز شريف اڄ لنڊن کان آمريڪا پهچندو جتي هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لنڊن ۾ ملڪه برطانيا جي آخري رسمن ۾ شرڪت کانپوءِ نيويارڪ پهچندو. نيويارڪ ۾ موجودگي دوران وزيراعظم جي ٻين ملڪن جي اڳواڻن اهم ٻطرفيون ملاقاتون ٿينديون. 20 س??پٽ??بر تي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. 20 س??پٽ??بر تي وزيراعظم شهب??ز شريف ج?? فرانس جي صدر ايمانوئيل مينخوان سان ملاقات ٿيندي. 20 س??پٽ??بر تي وزيراعظم شهب??ز شريف جي آسٽريا جي چ??نسلر ۽ اسپين جي صدر سان پڻ ملاقاتون ٿينديون. وزيراعظم شهب??ز شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهب??ز شريف گلوبل فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. گلوبل فوڊ سيڪيورٽي سمٽ جو اهتمام سينيگال ۽ آفريقي يونين جي صدر ڪيو آهي. 21 س??پٽ??بر تي وزيراعظم شهب??ز شريف جي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرستالينا جورجيوا، ورلڊ بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپس سان ملاقات ٿيندي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کانسواءِ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان پڻ وزيراعظم شهب??ز شريف جي ٻطرفي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهب??ز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي ملاقات ٿيندي. 21 س??پٽ??بر تي وزيراعظم شهب??ز شريف آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم شهب??ز شريف 21 س??پٽ??بر تي ترڪيه جي صدر ۽ سندس گهرواريءَ جي مان ۾ مانجهاندو ڏيندو. وزيراعظم شهب??ز شريف جي فن لينڊ جي صدر سعالي نوسيتو سان ملاقات ٿيندي. 22 س??پٽ??بر تي وزيراعظم شهب??ز شريف جي مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهب??ز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان سندس آفيس ۾ ملاقات ٿيندي. وزيراعظم جي چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ، جاپان جي وزيراعظم فيوميو ڪاشيڊا، ليگزمبرگ جي وزيراعظم زيوئير بيٽل سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهب??ز شريف جي ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان پڻ ملاقات ٿيندي. 23 س??پٽ??بر تي وزيراعظم شهب??ز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. وزيراعظم جي نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي سان پڻ ملاقات ٿيندي. وزيراعظم دوري دوران ناليواري آمريڪي اخبار ۽ ميڊيا کي انٽرويوز پڻ ڏيندو.