اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ هاڻي ٻوڏ ۽ رسد جي رڪاوٽن جي روشني ۾ سماجي تحفظ، غذائي سلامتي کي هٿي ڏيڻ ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي مدد جي سلسلي ۾ پاڪ??تا?? لاءِ 1.5 ارب ڊالرن جي مالي مدد جي منظوري ڏني آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي بلڊنگ ريزيلينس وڌ ايڪٽو ڪائونٽر سائڪليڪل ايڪسپينڊيچرز (بريس) پروگرام تحت فراهم ڪيل مدد پاڪ??تا?? حڪومت طرفان يو??ري?? بحران سميت پرڏيهي شاڪس کي منهن ڏيڻ لاءِ 2.3 ارب ڊالرن جي پروگرام تي عملدرآمد ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل ٻڌايو ته ڪووڊ 19 کان پاڪ??تا?? جي بحالي ۾ پرڏيهي جهٽڪن سبب رڪاوٽون پيدا ٿيون، وڌندڙ ڪاروباري ۽ ذاتي خرچ لکين پاڪ??تا??ين خاص طور غريب ۽ معاشي طور ڪمزور طبقن کي متاثر ڪيو، هن ٻڌايو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو پروگرام حڪومت کي بلند قيمتن جي اثرن ۽ غذئي عدم تحفظ ۾ و??ڌ، ڪاروباري سرگرمين ۾ سستي رويي ۽ اقتصادي طور ڪمزور گروهن جي آمدني کي گهٽ جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪ??تا?? ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سان مسئلن ۾ و??ڌ پڻ ٿي آهي، هن ٻڌايو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي فنانسنگ سان حڪومت کي ترقياتي خرچن جي پڪيج کي لاڳو ڪرڻ ??اءِ گهربل مالي جاءِ فراهم ٿيندي، جيڪا پاڪ??تا?? جي غريب خاندانن لاءِ ڊزائين ڪئي وئي آهي.