اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ مضبوط معاشري ۽ صحتمند ملڪ جي تعمير لاءِ سمورن شهرين کي هڪ جهڙي بنا ڪنهن فرق جي معياري صح?? جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ايڊز جي متاثرين جي لاءِ ٽيسٽ ۽ علاج جي خدمتن جي فراهمي لاءِ پن??نج?? حمايت کي ورجائي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڊز جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پ????نج?? پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اسان قومي ۽ صوبائي سطح تي ايڇ آءِ وي تي ردعمل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل حل جي حمايت، تحقيق ۽ علاج تائين پهچ کي وڌائڻ، معاشري جي ڪمزور طبقي کي معاشي طور تي با??ختيار بڻائڻ ۽ ايڇ آئي وي جي بيمارين ۽ ان جي متاثرين سان واڳيل بدنامي ۽ امتيازي سلوڪ جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻنداسين. هن چيو ته اسان يو اين ايڊز، غيرسرڪاري تنظيمن، نجي شعبي ۽ پن??نج?? حصيدارن سان گڏجي ايڇ آئي وي ۽ ايڊز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نوان طريقا ڳولڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين. اها هڪ قابل علاج بيماري آهي، جيڪا ڪمزور ڪميونٽيز کي متاثر ڪري رهي آهي. صدر چيو ته اسان انهن ماڻهن جي لاءِ به دعاڳو آهيون، جن ايڊز جي ڪري پ????نج??ن حياتيون وڃايون ۽ ڏکويل خاندانن جي ماڻهن سان پن??نج?? يڪجهتي ۽ حماي?? جو اظهار ڪريون ٿا جن ان موذي بيماري جي ڪري پ????نج?? پيارن کي وڃايو آهي. صدر عارف علوي ايڊز جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پ????نج?? حمايت کي ورجائيندي چيو ته ايڊز جي متاثرين کي اها خاطري ڪرايون ٿا ته اسان نئين انفيڪشن کي روڪڻ جي مقصد سان گڏ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي هر سطح تي ڪم ڪندا رهنداسين، جيڪي ماڻهو ان ۾ مبتلا آهن، انهن جو علاج انهن کي بدنام ڪرڻ کانسواءِ احتياط ۽ جذبي سان ڪنداسين ته جيئن ملڪ مان ايڊز جو صفايو اهڙي طرح ڪري سگهجي جيئن ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ڪاميابي سان ڪيو ويو آهي. صدر سڀني لاڳاپيل ڌرين تي هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏنو ته اهي ان بيماري کي مڪمل طور تي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پن??نج?? عزم کي ورجائين ته جيئن عوام ۾ بيداري پ??دا ڪرڻ ۽ ڪمزور طبقن کي مشاورت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن بيماري کي مڪمل طور تي روڪي قيمتي جانين کي بچائڻ جي لاءِ شروعاتي مرحلي ۾ ان جي تشخيص ڪئي وڃي.