اسلام آباد– 15 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف چيو آهي ته دفاعي نمائش ”آئيڊياز“ عالمي دفاعي مارڪيٽ ۾ اهم پليٽ فارم جي حيثيت اختيار ڪري وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل سالن دوران دفاعي نمائش ”آئيڊياز“ هڪ اهڙي اهم پليٽ فارم جي حيثيت اختيار ڪري وئي آهي جنهن سان عالمي دفاعي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي وڌندڙ اڳڀرائي ??جاگر ٿئي ٿي. وزيراعظم چيو ته دفاعي نمائش آئيڊياز 2022ع ج?? موضوع ”امن جي لاءِ هٿيار“ پاڪستان جي امن ۽ سلامتي جي خواهش جو اظهار آهي. هن چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان جو دفاعي شعبو ٽيڪنالاجي جي موجو??ه دور جي گهرجن موجب آهي.