اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تازي ٽ?? ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته چئلينج?? جي باوجود قومي ٽ??م ٽورنامينٽ جي دوران ليڊرشپ جو مظاهرو ڪيو ۽ ورلڊ ٽورنامينٽ جي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، پي سي ب?? جي چيئرمين رميز راجا، پاڪستا?? جي ليجنڊ ڪرڪيٽرز ۽ غيرملڪي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته رڪاوٽن ۽ مشڪلات?? جي باوجود اسا?? جي ٽيم ان عالمي ٽ??م?? جي خلاف سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي جن کي ڪرڪيٽ جي اربين ڊالر جي معيشت سمجهيو وڃي ٿو. هن چيو ته ٽيم جي رانديگرن جهڙي طرح راند هارائڻ جي باوجود هڪ ٻئي جي حوصلا افزائي ڪئي، اها ذڪر جوڳي اهي، ٽيم جا اڪثر رانديگر جوان آهن ۽ اسان کي اميد آهي ته اهي ايندڙ ٽورنامينٽ ۾ ڪيتريون ئي فتح ڏياريندا. صدر چيو ته سڄي قوم پنهنجي ڪرڪيٽ جي ستار?? جي شاندار ڪارڪردگي تي فخر ڪري ٿي. پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ هڪ انتهائي مقبول راند آهي ۽ ٽيم جي سٺي ڪارڪردگي سڀني پاڪستاني?? جي زندگين ۾ رنگ آڻي ٿي. ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو ته تنقيد جو واحد جواب فتح آهي ۽ ان کي سدائين پسند ڪيو وڃي ٿو. پاڪستاني ٽ??م جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته اها قوم جي حمايت هئي جيڪا ايتري وڏي ٽ??رنامينٽ ۾ هن?? جي طاقت بڻي.