اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ افغانستان جي ناظم الامور کي پرڏ??هي آفيس ۾ طل?? ڪيو ويو ۽ ??اب?? ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حملي جي واقعي تي سخت احتجاج ڪيو ويو. پاڪستان واقعي جي فوري جاچ ج?? مطالبو ڪيو آهي. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته ??اب?? ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي حملو ڪيو ويو، حملي ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿيو آهي. ترجمان چيو ته افغان ناظم الامور کي پرڏ??هي آفيس ۾ طل?? ڪيو ويو ۽ فائرنگ جي واقعي تي سخت احتجاج ڪندي افسوسناڪ واقعي جي فوري جاچ ج?? مطالبو ڪيو ويو. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان چيو ته افغان عملدارن سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي اهي، واقعي کانپوءِ ??اب?? ۾ سفارتخاني جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻايو ويو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستاني سفارتخانو بند ڪرڻ يا عملو واپس گهرائڻ جي خبرن ۾ ڪا صداقت نه آهي. ??اب?? ۾ پاڪستان سميت ٻين سفارتي مشنز جي به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. ترجمان چيو ته افغان عبوري حڪومت جي پرڏ??هي وزير اسان جي ناظم الامور سان ڳالهه ڪئي آهي، افغان پرڏ??هي وزير ذميوارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.