اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن محترمه بي??ظير ڀٽو جي سندس ??ها??ت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بي??ظير ڀٽو شهيد پنهنجي نالي وانگر بي??ظير هئي، هن مُشڪل حالتن ۾ به هڪ بهادر ڌيءَ، ماءُ، گهرواريءَ ۽ ڀيڻ جا رشتا وڏي خوبي ۽ جرئت سان نڀايا، بي??ظير ڀٽو سياست ۾ تدبر، بهادري ۽ جدوجهد جو روشن مثال آهي، هوءَ آخري ساهه تائين وفاق جي زنجير بڻجي پاڪستان جي اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سرپيڪار رهي. بي??ظير ڀٽو جي ??ها??ت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته بي??ظير ڀٽو ع??رت سياسي ڪارڪنن جي لاءِ هڪ تحريڪ جو درجو رکندي هئي جنهن سدائين آمريت کي للڪاريو. هن چيو ته محترمه بي??ظير ڀٽو ذاتي زندگي ۾ به ڏک برداشت ڪيا پر مشڪلاتن ان جي سياسي ۽ جمهوري جدوجهد کي وڌيڪ طاقتور بڻائينديون ويون. آئين، پارليامينٽ، جمهوريت، عوامي حقن ۽ سماجي بهتري جي لاءِ بي??ظير ڀٽو شهيد جي جدوجهد سدائين ياد رکي ويندي، سندس ??ها??ت پاڪستان جو تمام وڏو نقصان هو جنهن کي قوم ڪڏهن وساري نه سگهندي. اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته اڄ جي ڏينهن تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن ”پاڪستان کپي“ جو نعرو هڻي پاڪستان جي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط بڻايو هو. اطلاعات واري وفا??ي وزير اڳوڻي صدر آصف علي زردار??، بلاول ڀٽو زردار??، بختاور ۽ آصفه ڀٽو سميت سمورن گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد بي??ظير ڀٽو کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل ڏي.