اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پي ايم يوٿ لون اسڪيم جي ڪارڪردگي ۽ ڪم جي رفتار کي جانچڻ جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪندي 30 جون 2023ع تائين پي ايم يوٿ لون اسڪيم ذريعي 30 ارب رپين تائين قرضن جي فراهمي جو هدف پورو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيرا??ظم چيو ته نوجوان پاڪستان جو اثاثو آهن، جن جي ڀلائي سان ملڪي ترقي واڳيل آهي، نوجوانن کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پ??و وڃي. هو پرائيم منسٽر يوٿ لون اسڪيم جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرائيم منسٽر يوٿ لون اسڪيم جي هيستائين جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيرا??ظم چيو ته حڪومت نوجوانن ۾ انٽرپرينيورشپ ۽ روزگار جي حوالي سان خاطرخواهه قدم کڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ نوجوانن کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي کي به يقيني بڻايو پ??و وڃي. هن وڌيڪ چيو ته نوجوان آبادي پاڪستان جو اثاثو آهن، جن جي ڀلائي سان ملڪي ترقي واڳيل آهي. پاڪستاني نوجوانن ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي، اسان جي باصلاحيت نوجوانن جا جذبا بلند آهن، وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته اسان جا نوجوان ملڪي تقدير بدلائي سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومتي ۽ نجي شعبن کي هم آهنگي سان ڪ?? ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏجي اهي ملڪ کي درپيش چئلينجن مان ڪڍ??و وڃي. وزيرا??ظم پي ايم يوٿ لون اسڪيم جي ڪارڪردگي ۽ ڪم جي رفتار کي جانچڻ جي لاءِ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي، جنهن جي سربراهي ۾ وزيرا??ظم پاڻ ڪندو. ڪميٽي ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار به شامل هوندو. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته پرائيم منسٽر يوٿ لون اسڪيم جو بنيادي مقصد نوجوانن ۾ انٽرپرينيورشپ جو فروغ ۽ انهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. هن اسڪيم ذريعي 2013ع کان هيستائين 54 هزار ماڻهن کي 73.55 ارب رپين جو قرض فراهم ڪ??و و??و آهي. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته پي ايم يوٿ لون اسڪيم جو موجوده پورٽل جي باقاعده شروعات 24 جنوري 2023ع تي ڪئي وئي، ان اسڪيم تحت 18 ک??ن 45 سال جا ماڻهو 45 ڏينهن جي اندر آسان شرطن تي قرض حاصل ڪري سگهن ٿا. ان اسڪيم ۾ 25 سيڪڙو ڪوٽا عورتن جي لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته 30 جون 2023ع تائين ان اسڪيم تحت 30 ارب رپين تائين جا قرض فراه?? ڪرڻ جو هدف رک??و و??و آهي. اجلاس ۾ شريڪ بئنڪن ۽ مائيڪرو فنانس جي ادارن جا سربراهه پي ايم يوٿ لون اسڪيم جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي ڪ?? ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ سمورا هدف مقرر مدي جي اندر پورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائين. وزيرا??ظم 30 جون 2023ع تائين پي ايم يوٿ لون اسڪيم ذريعي 30 ارب رپين تائين جا قرض فراه?? ڪرڻ جي هدف کي پورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيرا??ظم پي ايم يوٿ لون اسڪيم جي حوالي سان سمورن آپريشنل مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي تاڪيد ڪندي ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي به قائم ڪئي، جنهن ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا، وزيرا??ظم جي نوجوانن جي معاملن واري خصوصي صلاحڪار شزه فاطمه، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي سيڪريٽري، اخوت فائونڊيشن جو باني امجد ثاقب، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر، نيشنل رورل سپورٽ پروگرام، بئنڪ آف پنجاب، حبيب بئنڪ لميٽيڊ، زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ ۽ بئنڪ الفلاح لميٽيڊ جا صدر شامل هوندا. اجلاس ۾ وزيرا??ظم جي نوجوانن جي معاملن واري خصوصي صلاحڪار شزه فاطمه، بئنڪن ۽ مائيڪرو فنانس ادارن جي صدرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.