اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير حنا رباني کر سان جرمن مملڪت?? وزير ڊاڪٽر ٽوبياس لينڊر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب مملڪت?? وزير حنا رباني کر پاڪستان پاران جرمني سان دوستي ۽ تعاون تي ٻڌل پراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي واپار، سيڙپڪا??ي، اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت، مائيگري??ن ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي و??يڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي طرفن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قانوني هجرت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تازو ئي ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. پاڪستان جي ٻوڏ کان بچاءُ جي ڪوششن ۾ خاطرخواهه تعاون تي جرمني جا ٿورا مڃيندي مملڪت?? وزير چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي موسمياتي تبديلي ۽ غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنه?? وزيرن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ افغانستانجي صورتحال، يوڪرين تڪرار، ڄمون ۽ ڪشمير تڪر??ر ۽ عالمي برادري کي درپيش معاشي چئلينجز شامل آهن.