اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ورنگزيب چيو آهي ته دهشتگرد لڪي عدالت ايندا آهن، وقت پري نه آهي منهن لڪائي اچڻو پوندو، پوليس جو مٿو ڦاڙڻ، پيٽرول بم اڇلائڻ، جوڊيشل ڪمپليڪس تي هٿياربند جٿن جو حملو ٿيڻ کانپوءِ تنهنجي زال ڊڄي وئي؟ مريم نواز جي نيب ??يل ۾ ڪئميرا لڳائي پنهنجي موبائيل تي ڏسندو هئين، ان وقت شرم ۽ حياءَ هو؟ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم ??ورنگزيب چيو ته مريم نواز جي بيرڪن ۾ رات جو گه??ي آرڊر ڏيندي شرم آيو هو؟ شهباز شريف جي ڌيءَ جي گهر تي نيب کي حملو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شرم آيو؟ فريال ٽالپر کي عيد تي اسپتال ۾ گهلي آڻيندي ۽ مسجد نبوي ﷺ ۽ لنڊن ۾ مون تي حملو ڪرائيندي شرم آيو؟ پنڪي باجي کي هيري ج??ن منڊيون وٺندي ڊپ ٿيو ۽ رڙيون نڪتيون هيون؟