ڪراچي – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دنيا جي تازي رجحان ۽ اڳڀرائي سان هم آهنگ رهڻ لاءِ تيز تر فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽيون تعليم ۽ تربيت جي معيار کي وڌ??ڪ بهتر بڻائين، يونيورسٽيون خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ اعليٰ معيار ۽ هنرمند گ??يج??ئيٽس تيار ڪن، يونيورسٽيون آن لائين ۽ هائبرڊ جي ذريعي تعليم جي مدد سان وڌيڪ انگ ۾ گ??يج??ئيٽس پيدا ڪن، سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ پاڪستان کي پنهنجي انساني وسيلن جي فڪري ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو پاڪستان ايئر فورس ايئر وار ڪاليج انسٽيٽيوٽ جي سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي 22 ملين اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول ۾ آڻڻ، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلائن جي شرح کي بهتر بڻائڻو پوندو. پاڪستان ۾ رڳو 9 سيڪڙو شاگرد ايف ايس سي کانپوءِ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺن ٿا. پاڪستان ۾ هر سال آءِ ٽي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ رڳو 35 هزار گ??يج??ئيٽس پيدا ڪري ٿو، رڳو 35 هزار آءِ ٽي گ??يج??ئيٽس مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ناڪافي آهن. هن چيو ته پاڪستان کي باقي دنيا سان رفتار برقرار رکڻ جي لاءِ آءِ ٽي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ گ??يج??ئيٽس جي انگ ۾ بهتري آڻڻ گهرجي. يونيورسٽيون پنهنجي فزيڪل انفراسٽرڪچر کي موثر ط??يق?? سان استعمال ڪن. وڌيڪ شفٽون متعارف ڪرائين. يونيورسٽين ۾ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن لائين تعليم جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا جي 52 سيڪڙو سائبر سيڪيورٽي ماهرن وٽ ڪا ڊگري نه آهي. آن لائين تعليم جي ذريعي پاڻ کي هنر سان آراسته ڪريو. هن چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن جي مهارتن جي واڌويجهه جي لاءِ هڪ آن لائين پروگرام ڊيجي اسڪلز متعارف ڪرايو. ڊيجي اسڪلز پروگرام سان هيستائين 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن. صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ اٽڪل 70 هزار شاگرد ايف ايس سي جو امتحان پاس ڪن ٿا، سيٽن جي گهٽتائي ۽ محدود وسيلن جي ڪري رڳو 8 هزار شاگرد ئي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺي سگهندا آهن.