اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سا?? ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ??وجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 10 مارچ تي بي??نگ ۾ ايران، سعودي عرب ۽ چين پاران گڏيل ٽه ڌريي بيان تي صحيحن تي مبارڪباد ڏيندي سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفاري لاڳاپن جي بحالي کي ٻنهي ملڪن جي قيادت ج?? دانشمندي ۽ دورانديشي جو ثبوت قرار ڏنو. پرڏيهي وزير ان عمل کي آسان بڻائڻ ۾ چين جي اهم ڪردار کي پڻ ساراهيو. بلاول ڀٽو زرداري ايران ۽ سعودي عرب ٻنهي سا?? پاڪستان جي ويج??ي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي چيو ته ٻن??ي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي تجديد پوري خطي جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن کي وڌائڻ جي رفتار جو ذڪر ڪندي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.