اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري سان پاڪستان ۾ عراق جي ??فير حامد عباس ل??تا ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا مذهب ۽ گڏيل قدرن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ٻ??رفن لاڳاپن جو حصو آهي. هن چيو ته پاڪستان مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ عراقي ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل رهيو آهي. عراقي سفير حامد عباس ل??تا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عراقي پرڏيهي وزير پاران پرڏيهي وزير کي عراق جي ??وري جي ??عوت پڻ ڏني. هن مسلسل تعاون ۽ حمايت تي پاڪستان جي ??ڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.