اسلام آباد – 30 – مئ?? (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بيلاروس جي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ سان پرڏيهي آفيس ۾ ملا??ات دوران مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ کانسواءِ سائنسي ۽ ثقافتي تعاون سميت عوامي رابطن کي وڌا??ڻ تي اتفاق ڪيو.