اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عار?? علوي سان سعودي عرب ۾ پاڪستان جي نامزد سفير احمد فاروق ملاقات ڪئي. صدر نامزد سفير کي تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي مختلف فورمن تي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ان موقعي تي صدر ڊاڪٽ?? عار?? علوي چيو ته سعودي عرب سان اقتصادي ۽ واپاري لا??اپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لا??اپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻطرفا لا??اپا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ عوام جي عوام سان رابطن تي ٻڌل آهن، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ موجوده ٻطرفن لا??اپن کي اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته نامزد سفير ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري.