راولپنڊي-06 آگسٽ (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چي?? آهي ته جيڪڏهن ڳالهيون ٿينديون ته صرف پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت وچ ۾ ٿينديون، ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا جٿي سان نه ڳالهيون نه ڪيون وينديون، اسلام سلامت?? ۽ ??من جو دين آهي، جن ان دين کي دهشتگرديءَ جي ور چاڙهيو انهن کي جواب ڏينو پوندو. افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ پاڪستان جي قانونن مطابق رهڻو پوندو. هو پشاور ۾ تاريخي گرينڊ جرڳي کي خطاب ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر مطابق پنهنجي خطاب ۾ آرمي چي?? چي?? ته فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا ۽ پاڪستان جو عوام هڪ آهن جيڪي ماڻهو امن کي برباد ڪرڻ چاهين ٿا اهي اسان مان ناهن. هن چي?? ته پاڪستاني فوج شهيدن جي فوج آهي جنهن جو نعرو آهي ايمان، تقويٰ ۽ جهاد في سبيل الله. اسان اوهان مان آهيون ۽ اوهان اسان مان آهيو. پاڪستان ڪلمي جي بنياد تي بڻجندڙ ٻي رياست آهي. افغان حڪومت کي مخاطب ٿيندي آرمي چي?? چي?? ته ڇا احسان جو بدلو احسان کان علاوه ڪجهه ٻيو ٿي سگهي ٿو؟ هن چي?? ته پاڪستان جي آئين ۾ حاڪميت صرف الله جي آهي، هي خوارج ڪهڙي شريعت آڻڻ چاهين ٿا؟ هن چي?? ته پاڪستان جي بهادر فوج دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندي. هن چي?? ته دهشتگردن وٽ رياست آڏو سر تسليم ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو رستو ناهي، اسان الله جي رستي ۾ جهاد ڪري رهيا آهيون ۽ ڪاميابي اسان جي ئي ٿيندي، انشاءَ الله. هن چي?? ته پاڪ فوج جو مقصد ۽ نصب العين شهيد يا غازي آهي. هن چي?? ته ڪي پي پوليس هڪ شاندار فورس آه?? ۽ ??ن جون بي پناهه قربانيون آهن، پاڪستان حڪومت جي منظوريءَ کانپوء?? قبيلن ج?? ضم ٿيڻ جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويندو. اسان ضم ٿيل قبائلي عوام جي معاشي ترقيءَ جي حوالي سان ترقياتي منصوبن ۾ انهن جي شرڪت يقيني بڻائينداسين. آرمي چي?? چي?? ته ڪي پي ڪي حڪومت سان ملي ڪري نَون ضم ٿيلن ضلعن ۾ 81 ارب رپين جي ماليات جا ترقياتي ۽ فلاح بهبود جا منصوبا شروع ڪيا ويندا. ڪي پي ڪي حڪومت سان ملي نَون ضم ٿيل ضلعن ۾ پوليس جي 43 منصوبن کي 7 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويندو ۽ 54 زيرِ تعمير منصوبن جي جلد مڪمل ٿيڻ ۾ سموري مدد فراهم ڪئي ويندي. قبائلي مشيرن چي?? ته قبائلي عوام فوج سان گڏ هئي ۽ فوج سان رهندي، آخر ۾ قبائلي مشيرن ملڪي ترق?? ۽ ??وشحاليءَ سميت امن لاءِ خصوصي دُعا ڪئي.