اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وزارت بج??ي جي بلن جي مسئلي تي تجويزن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي ٽوئيٽ موجب بج??ي جي بلن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ڪالهه سومر ڏينهن توانائي واري وزارت ۾ ٿيو جنهن ۾ بج??ي جي بلن جي مسئلي تي تجويزن کي حتمي شڪل ڏني وئي. اهي تجويزون سڀاڻي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪ??ون ويند??ون جڏهن ته حتمي فيصلو وفاقي ڪابينا ڪندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فيصلا ۽ تجويزون منظوري جي لاءِ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪ??ون ويند??ون ڇو ته انهن تجويزن ۽ فيصلن جي منظوري جي مجاز رڳو وفاقي ڪابينا آهي.