اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنينن کي بجلي چوري جي روڪٿام جو روڊ ميپ ۽ بجلي جي شعبي جي سڌارن ۽ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي ??دي جو پلان جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ بجلي جي وڌيڪ بلن ۾ گهٽتائي لاءِ ٺوس جوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن اهي هدايتون بجلي جي بلن ۾ ا??اف?? تي هنگامي اجلاس جي پهرين دور جي صدارت ڪندي جاري ڪيون، اجلاس ۾ وزيراعظم کي جولاءِ جي بجلي جي بلن ۾ ا??اف?? تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ??ه جلد بازي ۾ ڪو به اهڙو قدم نه کنيو وڃي جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچي?? اهڙا قدم کنيا وڃن جنهن سان ملڪي خزاني تي ا??اف?? بار نه پوي ۽ صارفين کي سهولت ملي. هن چيو ??ه ائين ممڪن ناهي ته عام ماڻهو مشڪل ۾ هجي ۽ آفيسر شاهي ۽ وزيراعظم ان جي ٽيڪس تي مفت بجلي استعمال ڪن. هن چيو ??ه لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا مفت بجلي حاصل ڪندڙ آفيسرن ۽ ادارن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪن،هن چيو ??ه هو عام ماڻهن جي نمائندگي ڪري رهيو ??هي، وزيراعظم هائوس ۽ پاڪ سيڪريٽريٽ ۾ بجلي جو خرچ گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن منهنجي ڪمري جي اي سي بند ڪرڻي پوي ته بيشڪ بند ڪري ڇڏيو، وزيراعظم چيو ??ه بجلي جي بچت جي قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ جولاءِ جي وڌيڪ بلن جي مسئلن تي صوبائي وڏن وزيرن سان تفصيلي مشاورت پڻ ڪئي و??ندي. اجلاس ۾ عبوري ڪابينا جي و??اقي وزيرن، سيڪريٽري پاور ، واپڊا چيئرمين، نيپرا چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي اڄ سومر تائين ملتوي ڪندي ٺوس قدم ۽ پلان تيار ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.