اسلام آباد ??? 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان افغان پرڏيهي وزارت پاران طورخم ۾ پاڪ – افغان سرحد جي بندش بابت افغان پرڏيهي وزارت جي بيان ??ي حيران ??ندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته عبوري افغان عملدار طورخم تي پاڪستان افغانستان سرحد جي عارضي بندش جي سببن کي چڱي ريت ڄاڻين ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان پنهنجي س??زم??ن جي اندر عبوري افغان حڪومت پاران ??نهن به ڍانچي جي تعمير کي قبول نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته اهو ان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. ترجمان ??يو ته 6 سيپٽمبر تي جڏهن افغان فوجين کي اهڙي قسم جي غيرقانوني ڍانچي کي بيهارڻ کان روڪيو ويو ته هنن پرامن حل بدران اشتعال انگيز فائرنگ جو سهارو ور??و، پاڪستاني فوجي چوڪين کي نشانو بڻايو، طورخم بارڊر ٽرمينل جي بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچايو ۽ پاڪستان ۽ افغان شهرين جي جانين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. ترجمان ??يو ته پاڪستاني سرحد چوڪين تي اهڙي قسم جي اشتعال انگيز ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ کي ڪنهن به صورت ۾ جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. افغان بارڊر سيڪيورٽي فورسز جي اشتعال انگيز فائرنگ سان دهشتگرد عنصرن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي، انهن عنصرن جي افغانستان جي اندر پناهگاهون آهن جنهن جي تصديق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تجزياتي معاونت ۽ پابندين جي نگراني ڪندڙ ٽيم پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ڪئي آهي. هن چيو ته اسان سدائين چيو آهي ته اسان جي خواهش آهي ته افغانستان سان سرحد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن ۽ دوستي جي سرحد هجي، اسان ??يترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي افغان ??ائرن ۽ ڀينرن جي کليل دل سان ميزباني ڪئي آهي، پاڪستان پاڪ افغان سرحد تي مقرر افغان فوجين پاران مسلسل بنا جواز اشتعال انگيزين جي باوجود تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏني آهي. ترجمان ??يو ته عارضي بندش رڳو انتهائي صورت ۾ ٿيندي آهي، جيئن ته سرحد تي 6 سيپٽمبر 2023ع جو واقعو يا جڏهن افغان س??زم??ن پاڪستان جي اندر دهشتگرد حملن جي لاءِ استعمال ٿيندي آهي. هن چيو ته افغان پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ پاڪستاني معيشت ۽ پرڏيهي واپار بابت ڪجهه غيرلاڳاپيل تبصرا ۽ اڻوڻندڙ مشورا به شامل آهن. ترجمان ??يو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندو. جيتوڻيڪ پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي جي غلط استعمال جي اجازت نه ٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته پاڪستان سڀني ٻطرفن مسئلن ۽ خدشن کي تعميري ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ ??ي لاءِ تيار آهي ته جيئن ٻئي ملڪ اقتصادي رابطن ۽ ان جي نتيجي ۾ خوشحالي جو فائدو کڻي سگهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته افغان عبوري عملدار پاڪستان جي خدشن کي ذهن ۾ رکندا. پاڪستان جي علائقائي سالميت جو احترام ڪندا ۽ ان ??الهه کي يقيني بڻائيندا ته افغان س??زم??ن پاڪستان جي خلاف دهشتگرد حملن جي لاءِ لانچنگ پيڊ جي طور تي استعمال نه ٿئي.