اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پا??ستان ۽ ترڪيه جي وچ ?? ميڊيا، ڊرامن، فلم سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جو عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پا??ستان ترڪيه سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پا??ستان ۽ ترڪيه سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پا??ستان ۾ مقرر ترڪ سفير مهمت پچاجي سان ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ?? تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن جي وچ ?? اقتصادي، واپاري، ثقافتي، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ترڪيه ?? تازي بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي جو درد اسان محسوس ڪيو آهي، ترڪيه به ان درد ۾ ورتل آهي، اسان مضبوط ملڪ آهيون، دهشتگردي جا واقعا اسان کي هڪ قوم طور ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. ملاقات ۾ پا??ستان ۽ ترڪيه جي وچ ?? ميڊيا، ڊرامي، فلمز جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جو عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ترڪ ڊراما پا??ستان ۾ تمام گهڻا مقبول آهن، ترڪيه سان گڏجي فلمون ٺاهڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ترڪيه جا فلمساز پا??ستان ۾ فلم انڊسٽري جي شعبي ۾ ٽيڪس مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. پا??ستان جا اتريان علائقا قدرتي حسن سان مالامال آهن. ترڪيه جا فلمساز انهن خوبصورت سياحتي علائقن ۾ فلمبندي ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ?? ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته پا??ستان ۽ ترڪيه گڏجي پنهنجي ثقافت کي فروغ ڏين. ان ڏس ۾ پا?? چائنا سينٽر ۾ گڏيل فلمون پڻ ڏيکاري سگهجن ٿيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي ترڪ سفير چيو ته پا??ستان ۽ ترڪيه جي وچ ?? ميڊيا سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تعاون موجود آهي. اسان چاهيون ٿا ته پا??ستان ۾ ترڪ فلمون به کڻي اچون. هن چيو ته جمهوريه ترڪيه پنهنجي 100 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پا??ستان سان گڏجي انهن تقريبن کي يادگار بڻايون. ترڪ سفير علائقائي تعاون ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير جي دلچسپي کي به ساراهيو.