اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙ?? موقعا ۽ اليڪسن ڪميشن کي چونڊ مشق منعقد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، پنهنجي مينڊيٽ موجب سمورن صوبن سان بهتر ورڪنگ ماحول جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت خيبرپختونخواهه جي ??وامي لاڳاپن واري کاتي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اها ڳالهه هن خيبرپختونخواهه جي ??طلاعات واري نگران ??زير بئريسٽر فيروز جمال شاهه ڪاڪاخيل سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ايندر چونڊن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي وچ ۾ ميڊيا جي ??عبن ۾ تعاون، صحافين جي ڀلائي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جي ??نفارميشن آفيسرن کي انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ تربيت ڏيڻ جي ??والي سان ??ڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات واري نگران ??فاقي وزير چيو ته ملازمن ۽ آفيسرن کي جديد ميڊيا جي ??ستعمال ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ??لاحيتن بابت تربيت جي فراهمي وقت جي ??هم ضرورت آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جو دائرو جديد دور ۾ وسيع ٿي چڪو آهي، مقابلي جي هن د??ر ۾ اسان کي جديد انفارميشن سسٽم تي مڪمل پُهچ حاصل ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت خيبرپختونخواهه جي ??وامي لاڳاپن واري کاتي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پنهنجي مينڊيٽ موجب سمورن صوبن سان بهتر ورڪنگ ماحول جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته نگران حڪومت جي ??ميواري آهي ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چوندن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙ?? موقعا فراهم ڪري، اليڪشن ڪميشن کي چونڊ مشق منعقد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ به اسان جي گڏيل ذميواري آهي. نگران ??فاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ جرنلسٽ ويلفيئر انڊوومنٽ فنڊ رولز اهميت رکن ٿا، صحافي مشڪل حالتن ۾ فرض سرانجام ڏين ٿا، انهن جي ڀلائي لاءِ قدم لازمي آهن. ان ??وقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران صوبائي وزير فيروز جمال شاهه ڪاڪاخيل چيو ته خيبرپختونخواهه جي نوجوانن کي سوشل ميڊيا جي ??ستعمال جي ??والي سان تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت چونڊن جي لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهي آهي، خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ ممڪن بڻائينداسين. فيروز جمال شاهه چيو ته خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت صحافين جي ڀلائي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي. اطلاعات واري نگران ??فاقي وزير خيبرپختونخواهه جي ??طلاعات واري کاتي کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.