بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان علائقائي رابطن ۽ ا??تصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ، گوادر کي گڏيل رابطن جو مرڪز بڻائڻ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ ا??تصادي ترقي جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم جاري رکندو. عظيم عوامي هال بيجنگ ۾ چين?? صدر شي جن پنگ سان ملاقات جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ چين جي گهڻ رخي لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سدا بهار تعاون، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن، سي پيڪ، پنهنجي پراڻي ۽ ثابت قدم دوستي جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ان کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي ڪاميابي ۽ بي آر آئي جي 10 هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان علائقائي رابطن ۽ ا??تصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ گوادر کي رابطن جو مرڪز بڻائڻ ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ ا??تصادي ترقي جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم جاري رکندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته چين?? صدر شي جن پنگ کيس يقين ڏياريو ته چين پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ترقي جي حمايت جاري رکندو ۽ اسان جي جا??رافيائي بيهڪ جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ علائقائي واپار ۽ معاشي مرڪز جي طور تي اسان جي حمايت جاري رکندو جيڪو اسان جو گڏيل ويزن آهي، مون صدر شي جن پنگ کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن خوشي سان قبول ڪري ورتو.