اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪشميري عوام تي ظلم جي تاريخ ڏهاڪن تي ٻڌل ??هي?? ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪيو، ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي شديد خلاف ورزي ۽ پنهنجي آئين جي خلاف ورزي جو مرتڪب ٿيو ??هي?? ڏاڍ وڌڻ باوجود ڪشميرين ۾ آزادي جي تڙپ ۽ جذ??و وڌيو ??هي?? دنيا جي ڪا به طاقت ان جذ??ي کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ??اري نگران وفاقي وزير چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي ظلم جي تاريخ 177 سال پراڻي ??هي?? جڏهن 1876ع ۾ انگريز سامراج اهو خطو 75 لک عيوض ڊوگره راجا گلاب سنگهه کي وڪرو ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته اڄ کان 76 سال اڳ ڀارت ڪشمير تي جبري قبضو ڪيو ۽ اهو جبر ۽ ظلم هن وقت تائين جاري آهي. هن چيو ته جي??ن جي??ن جبر ۽ ظلم وڌيو ڪشميري عوام جو جذ??و به ائين ئي وڌيو آهي. اطلاعات ??اري نگران وفاقي وزير چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي جبري قبضو ڪري ڀارت نه رڳو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي پر پنهنجي آئين ۽ قانون جي به خلاف ورزي ڪئي. هن چيو ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته دنيا ۾ انساني حقن جي ڳالهه ڪندڙن کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم نظر نه ٿو اچي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اها حقيقت آهي ته جي??ن جي??ن ظلم وڌندو ائين ئي آزادي جو جذ??و به فروغ وٺندو. آزادي جي ان جذ??ي کي دنيا جي ڪا به طاقت گهٽ نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته آزادي جي تحريڪ کي روڪي نٿو سگهجي، جيڪڏهن دنيا ۾ انصاف نه ٿيندو ته امن نه ٿيندو. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات ??اري نگران وفاقي وزير ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ريلي پرڏيهي وزارت کان شروع ٿي ۽ ڊي چوڪ ۾ پڄاڻي تي پهتي. ريلي ۾ اطلاعات ??اري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد پڻ شرڪت ڪئي.