اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوري?? ڪوريا ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي ملڪن جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جمهوري?? ڪوريا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. جمهوري?? ڪوريا جي سفارتخاني پاران پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد تق??يب ۾ شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته جمهوري?? ڪوريا پنهنجي دورانديش ۽ پرعزم قيادت جي ڪري اقتصادي ۽ صنعتي شعبن ۾ ترقي جا هدف حاصل ڪيا. هن چيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا کي اقتصادي ۽ فني ترقي جي ڳولا ۾ هڪ قابل قدر اتحادي طور ڏسي ٿو. تق??يب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پرڏيهي سفارتڪارن سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان ۽ جمهوري?? ڪوريا جي 40 سالا سفارتي لاڳاپن جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.