اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ غيرقانوني غي??مل??ين کي ڪڍڻ جو فيصلو خودمختيار ملڪي قانونن ۽ عالمي اصولن موجب آهي. ترجمان ممتاز زهره بلوچ گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) جي هڪ بيان جي جواب ۾ چيو ته اهو فيصلو پاڪستان جي خودمختيار ملڪي قانونن ۽ لاڳو عالمي قدرن ۽ اصولن موجب آهي. يو اين ايڇ سي آر پاڪستاني عملدارن کي اپيل ڪئي هئي ته پهرين نومبر جي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کانپوءِ ملڪ بدري جو فيصلو معطل ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي انساني حقن واري هاءِ ڪمشنر جي آفيس جو پريس بيان ڏٺو آهي، غيرقانوني غي??مل??ين جي وطن واپسي جو منصوبو (آئي ايف آر پي) ان جي قوميت ۽ اصل ملڪ کان قطعي نظر، پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن غي??مل??ين تي لاڳو ٿئي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ قانوني طور تي رهندڙ يا رجسٽرڊ سمورا غي??مل??ي شهري ان منصوبي جي دائري کان ٻاهر آهن. پاڪستان حڪومت انهن ماڻهن جي تحفظ ۽ حفاظت جي ضرورتن جي حوالي سان پنهنجي واعدن کي انتهائي سنجيدگي سان وٺي ٿي. هن چيو ته لکي?? افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ميزباني ۾ ملڪ جو گذريل 40 سالن جو رڪارڊ ان جو ثبوت آهي. ترجمان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ترجيحي معاملن طور تي پائيدار حل جي سلسلي ۾ پناهگيرن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? گڏيل ڪوششن کي تيز ڪري. هن چيو ته پاڪستان ان مقصد جي ??اء?? پنهنجي عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.